پاڪستان اسپيس ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو

اسلام آباد:  پاڪستان جي قومي خلائي اداري سپارڪو اسپيس ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل اليڪٽرو آپٽيڪل ٽو(اِي او-2)  سيٽلائيٽ کي ڪاميابي سان خلا ۾ لانچ ڪيو ويو آهي.

سپارڪو ترجمان موجب انهي سيٽلائيٽ کي چين جي يانگ جيانگ کان شور اسپيس سينٽر مان خلا ۾ اماڻيو ويو. لانچ کان پوءِ سيٽلائيٽ پنهنجي مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ اهو پاڪستان جي زمين جي مشاهدي ۽ اميجنگ جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪندو.

سپارڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته اي او 2 سيٽلائيت جي لانچ ملڪي خلائي مهارت ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيت جي واضح نشاني آهي اهو سيٽلائيٽ قومي سطح تي منصوبه بندي ۽ وسيلن جي موثر انتظام جي لاءِ اهم ۽ ڀروسي جوڳو ڊيٽا فراهم ڪندو جنهن سان ترقياتي منصوبن جي نگراني ۽ پاليسي سازي ۾ مدد ملندي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته انهي ڪامياب لانچ سان پاڪستان جي سيٽلائيٽس جي ٻيڙي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته زميني مشاهدن جي تسلسل ۽ درستگي ۾ به بهتري ايندي. اي او 2 سيٽلائيٽ نه صرف خلائي شعبي ۾ پاڪستان جي برتري کي مستحڪم ڪندو پر قدرتي آفتن جي انتظام ۽ اسٽريٽجڪ منصوبه بندي ۾ به مددگار ثابت ٿيندو.

سپارڪو موجب اي او 2 پاڪستان جي سيٽلائيٽ تياري ۾ خود انحصاري جي نشاني آهي ۽ اهو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ خلائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ لاڳيتو خود ڪفالت طرف گامزن آهي.

ياد رهي ته سپارڪو طرفان جنوري 2025 ۾ اي او 1 سيٽلائيٽ کي به ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو هو ۽ اي او 2 جي تازي ڪاميابي پاڪستان جي خلائي پروگرام جي تسلسل ۽ اڳڀرائي جي عڪاسي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔