ڍاڪا: بنگلاديش ۾ عام چونڊن جي لاءِ ميدان تيار ٿي ويو. بنگلاديش ۾ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي جتي چونڊن ۾ 50 سياسي پارٽيون شريڪ آهن جڏهن ته 12 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ووٽرز پنهنجو حق استعمال ڪندا.
سموري ملڪ جي 299 تڪن ۾ مقامي وقت موجب صبح 7:30 وڳي شروع ٿيندڙ پولنگ شام 4:30 وڳي تائين جاري رهندي. 300 پارلياماني سيٽن جي لاءِ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي، بنگلاديش جي جماعت اسلامي، نيشنل سٽيزن پارٽي ۽ جماعتي پارٽي سميت ٻين پارٽين جي اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ 300 مان 151 سيٽن تي اڪثريت حاصل ڪرڻ لازمي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جو پٽ طارق رحمان بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي طرفان وزيراعظم جو اميدوار آهي جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان شفيق الرحمان وزيراعظم جي لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ حسينه واجد جو آگسٽ 2024 ۾ تختو اونڌو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ جينزري تي ٻڌل نيشنل سيٽيزن پارٽي به جماعت اسلامي جي اتحاد ۾ شامل آهي پر پابندي سبب عوامي ليگ جا اميدوار چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهيا آهن.
بنگلاديش نيشنل پارٽي جو سربراهه طارق رحمان ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. انهي موقعي تي طارق رحمان جو چوڻ هو ته امن امان منهنجي پهرين ترجيح آهي ته جيئن عوام پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهي، ملڪ جي اڌ آبادي عورتن جي آهي، اسان انهن تي ڌيان ڏينداسين کٽڻ جي اميد آهي.
جماعت اسلامي جي امير شفيق الرحمان به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، هن چيو ته بنگلاديش جي لاءِ هي چونڊون هڪ اهم موڙ آهن ماڻهن جا مطالبا ۽ خواهشون بدلجي رهيون آهن. اسان به تبديلي جا حقدار آهيون.
بنگلاديش ۾ عام چونڊن جي لاءِ سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر بنگلاديش جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل آزاد ۽ غير جانبدار بنائڻ لاءِ قدم مڪمل ڪري ورتا آهن.
تبصرے بند ہیں۔