سپريم ڪورٽ عمران خان کي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين پهچ ۽ پٽن سان رابطي لاءِ ٽيليفونڪ سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن تائين پهچ ۽ ٻارن سان رابطي جي لاءِ ٽيليفونڪ سهوليت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت سڳوري ۾ پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ۽ بيرسٽر سلمان صفدر سپريم ڪورٽ پهتا، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ کي روسٽرم تي گهرايو ۽ چيو ته فرينڊ ف دي ڪورٽ ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جون رپورٽون هڪ جهڙيون آهن رپورٽ جو پيرا گراف نمبر 21 پڙهو. عدالت ۾ پڙهيل رپورٽ جي مرتن موجب پي ٽي آءِ باني جيل ۾ حفاظتي سهولتن ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته دستياب کاڌن جي سهولتن تي به اطمينان ظاهر ڪيو پر رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان طبي سهولتن کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي، هن ماهر اکين جي ڊاڪٽرن تائين پهچ گهري آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور عدالت کي ٻڌايو ته اسان ماهر اکين جي ڊاڪٽرن تائين پهچ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. انهي تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت سٺي موڊ ۾ آهي. عمران خان کي انهن جي ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطي جي سهولت به ملڻ گهرجي. اهو نه چونداسين ته عمران خان کي ٻين قيدين جي مقابلي ۾ نمايان سهوليت ڏني وڃي. سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي..
چيف جسٽس چيو ته فرينڊ آف دي ڪورٽ ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جون رپورٽون هڪ جهڙيون آهن. عدالت عمران خان جي اکين جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معائني جي لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي وڃي. ٻئي قدم 16 فيبروري کان اڳ کنيا وڃن. صحت جو مسئلو سڀني کان اهم آهي. صحت جي معاملي تي مداخلت جي ضرورت آهي، صحت جي معاملي تي حڪومت جو موقف ڄاڻڻ چاهيون ٿا.
جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، جيڪڏهن قيدي مطمئن نه آهي ته رياست قدم کڻندي.
چيف جسٽس چيو ته ٻارن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه به اهم معاملو آهي، اسان حڪومت تي ڀروسو ڪري رهيا آهيون اوريجنل ڪيس ۾ ٻڌڻي جو آرڊر ريزرو ڪري رهيا آهيون جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کي انهن جي ٻارن قاسم ۽ سليمان سان ٽيليفونڪ رابطي جي سهوليت ڏيڻ جو به حڪم ڏنو.
تبصرے بند ہیں۔