عالمي شهرت يافته صوفي اوپيرا ڳائڻي سائره پيٽر کي آمريڪي ڪانگريس جي ايوان ۾ اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو

آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ايوان ۾ منعقد ٿيل عالمي تقريب “She Leads the Nations” دوران اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو ۔

ڪراچي : آمريڪي ڪانگريس ۾ منعقد ٿيندڙشي ليڊز دي نيشن گلوبل سمٽ  ۾ آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن، ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي۔
هن عالمي اقدام جي بنياد لِز ڊوئل رکي، جيڪو 2021ع ۾ قائم ٿيل تحريڪ She Leads America جو عالمي توسيعي منصوبو آهي۔ ان جو مقصد حڪومت، ميڊيا، ڪاروبار، تعليم، صحت، دفاع ۽ ثقافت جي

جي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ آهي۔

تقريب دوران دنيا جي مختلف ملڪن مان چونڊيل 14 عورت اڳواڻن کي سندن قيادت، خدمتن ۽ اثر و رسوخ جي اعتراف طور اعزاز ڏنا ويا۔ صوفي اوپيرا ڳائڻي ۽ پاڪستان جي پهرين اوپيراٽڪ آواز سائره پيٽر چيو ته واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ڪانگريس هائوس ۾ دعوت ملڻ سندن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي۔
هن تقريب ۾ هن پرفارم به ڪيو ۽ کيس باوقار She Leads the Nations Award سان پڻ نوازيو ويو۔

سائره پيٽر جو چوڻ هو ته هن تاريخي هنڌ تي ملندڙ عزت، احترام ۽ پذيرائي هميشه سندس ساٿ رهندي۔

هن وڌيڪ ٻڌايو ته کيس آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي خصوصي دوري جي دعوت به ڏني وئي، جتي Office of Democracy, Human Rights and Labor جي آفيسر مس بيلسِس روميرو ميزباني ڪئي۔

سائره پيٽر چيو ته کيس پاڪستاني ثقافت جي نمائندگي ڪندي روايتي لباس ۾ پاڪستان جي جهنڊي اڳيان تصوير ڪڍرائڻ تي فخر محسوس ٿيو۔

تقريب دوران صوفي اوپيرا ڳائڻي سائره پيٽر کي اسٽيج تي سڏڻ کان اڳ سندس خدمتن کي ساراهيندي چيو ويو ته هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي صوفي امن ۽ هم آهنگي واري پيغام کي موسيقي جي ذريعي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، صوفي اوپيرا جي نئين انداز کي هٿي ڏني ۽ نوجوان عورتن جي تربيت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

ايوارڊ وصول ڪندي سائره پيٽر چيو ته هوءَ صوفي موسيقي وسيلي محروم عورتن ۽ ٻارن تائين اميد ۽ وقار جو پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔

 

تبصرے بند ہیں۔