سينيٽ اجلاس: ٻارن جي فحش وڊيوز تي 10 سال قيد جي سزا ۽ 50 لک ڏنڊ جو بل منظور

اسلام آباد: سينيٽ اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو آهي. ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي اهڙن ملڪن سان باهمي قانوني مدد جا معاهدا ڪرڻ گهرجن جن جي سوشل ميڊيا ايپليڪشن   پاڪستان ۾ استعمال ٿين ٿيون.

سينيٽ ۾ ڪرمنل قانون ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته زيادتي جو شڪار ڇوڪرو يا ڇوڪري جو ميڊيڪل نه ڏيڻ تي هڪ سال تائين سزا ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو.

زيادتي جي متاثر کي فوري طور تي طبي امداد نه ڏيڻ تي نجي يا سرڪاري اسپتال تي به سزا ٿيندي ۽ نجي اسپتال زيادتي جي متاثر کي 24 ڪلاڪن جي اندر سرڪاري اسپتال اماڻڻ جو پابند هوندو.

سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڪرائمز ترميمي بل به منظور ڪيو ويو جنهن ۾ ٻارن جون فحش وڊيوز تي سزا 7 سال مان وڌائي 10 سال ڪرڻ ۽ ڏنڊ 50 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ روپيه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

سينيٽ ثمينه زهري جو فيملي ڪورٽ ترميمي بل  ۽ شيري رحمان جو اسلام آباد ۾ ڪتابن تي پلاسٽڪ ڪور جي پابندي جو بل به منظور ڪري ورتو.

 

تبصرے بند ہیں۔