افغانستان مان پاڪستان منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 1.2 ٽن چرس هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

گوادر:اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس(اي اين ايف) عالمي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ جي خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي 12 ٽن اعليٰ ڪوالٽي جي چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان اي اين ايف موجب ڪارروائي انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي.

اطلاع ملي هئي ته اسحاق بلوچ نالي منشيات اسمگلر جي سرپرستي ۾ سرگرم عالمي گروپ وڏي مقدار ۾ منشيات پنجگور کان تربت منتقل ڪرڻ وارو آهي جنهن کان پوءِ انهي کي مختلف رستن کان سامونڊي ڪناري تائين پهچائي سامونڊي رستي پرڏيهي ملڪن ڏانهن اسمگل ڪرڻو هو.

اي اين ايف پنجگور، تربت قومي شاهراهه(ايم 8) تي شڪي ٽرڪ کي روڪي تلاشي ورتي. تلاشي جي دوران ٽرڪ جي ڳجهن خانن مان 1200 ڪلو گرام(1.2 ٽن) چرس هٿ ڪئي وئي. جڏهن ته ٽرڪ ۾ سوار ٻن جوابدارن کي موقعي تان گرفتار ڪيو ويو.

اختيارين موجب برآمد ٿيل منشيات جي عالمي منڊي ۾ ماليت تقريبن 66.15 ملين آمريڪي ڊالر آهي. شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته منشيات افغانستان مان پاڪستان اسمگل ڪئي وئي جنهن کان پوءِ انهي کي گوادر ۽ پستي جي سامونڊي علائقن مان تيز رفتار ماهيگير ٻيڙين جي ذريعي عرب ملڪن، يمن ۽ تنزاليه منتقل ڪرڻو هو.

اي اين ايف موجب گرفتار جوابدارن جي خلاف منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گروپ جي اڳواڻ اسحاق بلوچ ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

تبصرے بند ہیں۔