ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري

ڪراچي: اڄ سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ ٿورو اضافو ٿيو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 1500 رپين کان وڌي 526262 رپيا ٿي وئي آهي.ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 1,286 رپيا وڌي 451,184 رپيا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 15 ڊالر واڌ سان 5,035 ڊالر في اونس آهي.

تبصرے بند ہیں۔