ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني آهي جو انهي جون نسلون به ياد رکنديون: وزيراعظم

مظفرآباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارتي کي اهڙي شڪست ڏني جو انهي جون نسلون به ياد رکنديون.

وزيراعظم شهباز شريف يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ۾ چيو  ته هو پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ حاضر آهن. ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد دوران هر قائد ۽ هر شهري کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا.

وزيراعظم آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر بيرسٽر سلطان محمود چوڌري جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته ڪشميري قوم پنهنجن ٻارن جي به قرباني ڏئي سگهي پر حق  جي آزادي تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندي.

هن چيو ته  قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اهائي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بنياد آهي. ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي. شهباز شريف چيو ته جهڙي طرح فلسطين جي عوام کي پنهنجي مرضي موجب جيئڻ جو حق حاصل آهي اهڙي طرح ڪشميري عوام کي به انهي جو حق ڏيڻ گهرجي. پاڪستان اهم اسلامي ملڪن سان گڏجي غزه ۾ امن جي قيام لاءِ بهتر قدم کنيا آهن.

هن معرڪه حق جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ڀارت کي نه وسرندڙ شڪست ڏني جيڪا فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڏني وئي. انهي شڪست کي ڀارت جون نسلون به نٿيون وساري سگهن. معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابي سبب ڪشمير جو مسئلو سموري دنيا ۾ اجاگر ٿيو، عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي ڀارتي  ڪوڙ جو بيانيو دفن ٿي چڪو آهي.

وزيراعظم چيو ته پرڏيهي محاذ تي به پاڪستان نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي نائب وزيراعظم جون ڪاوشون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته ذلت آمير شڪست کان پوءِ ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. وزيراعظم واضح ڪيو ته ڀارت جي جارحانه ۽ تسلط پسند ارادا ختم ڪرڻ تائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر اهو امن برابري جي سطح تي ئي ممڪن آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔