وزيراعظم سان ملاقات ۾ عمران خان بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي: سهيل آفريدي

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي حوالي سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي ۽ مون باني سان ملاقات جو ڪوبه مطالبو نه ڪيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ وزيراعظم هائوس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي صرف دهشتگردي جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته هڪ ٻه ملاقاتون وڌيڪ ٿينديون. سهيل آفريدي چيو ته شهباز شريف سان اڄ ملاقات ٿي آهي، اسان بلوچستان جي حالتن تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اين ايف سي هجي يا   رهيل بقاياجات انهن سڀني جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن. شهباز شريف احسن اقبال کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته هو مزمل اسلم سان انهي حوالي سان ڳالهيون ڪري.

صحافين سان ڳالهين کان پوءِ وڏو وزير سهيل آفريدي ڪي پي ڪي جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم سان گڏ پي ايم هائوس مان روانو ٿي ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔