وزيراعظم سان عالمي بينڪ گروپ جي صدر جي اهم ملاقات، مختلف پروجيڪٽس ۾ تعاون تي تعريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي اقتصادي اصلاحات ۾ عالمي بينڪ جي مدد کي قدر جوڳو قرار ڏنو.

وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم عالمي بينڪ گروپ جي صدر جي حيثيت سان اجي پنگا جي پهرين پاڪستان جي دوري تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان سان عالمي بينڪ جي ڊگهي ڀائيواري جي تعريف ڪئي.

وزيراعظم 10 سالن جي عالمي بينڪ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي تحت تعاون کي خاص طور تي قابل تحسين قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت پائيدار اقتصادي استحڪام جي لاءِ جامع ۽ ملڪي ضروريات کان هم آهنگ اصلاحتي پروگرام تي عمل پيرا آهي.

هن انفراسٽرڪچر، زرعي ڪاروبار، ڊيجيٽل ترقي، توانائي، انساني وسيلا، مالياتي اصلاحات، روزگار جا موقعا، نجي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ عالمي بينڪ گروپ جي مدد جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ۽ عالمي بينڪ جي صدر سي پي ايف سي هم آهنگ ترجيبات تي تيز رفتار عملدرآمد ۽ موثر  نگراني جي ضرورت تي زور ڏنو.

ملاقات ۾ اجي پنگا پاڪستان جي حڪومت جي اصلاحاتي ڪوششن جي تعريف ڪندي ون ورلڊ بينڪ گروپ جي تعاون تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ نجي وسيلن جي موثر استعمال تي زور ڏنو.

وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي، ثقافتي تنظيم(يونيسڪو) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر خالد الاينائي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر خالاينائي کي بطور ڊائريڪٽر جنرل يونيسڪو چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل، معياري تعليم، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ عالمي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يونسيڪو جي بنيادي قدرن کان پاڪستان جي ارادن جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت جي تعليمي قدمن، خاص طور تي ايجوڪيشن ايمرجنسي پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته انهي قدم جو مقصد اسڪول ويندڙ ننڍي عمر جي ٻارن جي داخلائن ۾ اضافو آهي.

ڊائريڪٽر جنرل يونيسڪو پرجوش استقبال تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ تعليم، سائنس ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔