ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڄ مسقط ۾ ڳالهيون ٿينديون: وائٽ هائوس جي تصديق

واشنگٽن:  وائٽ هائوس تصديق ڪري ڇڏي آهي ته  ايران جي نيو ڪليئر پروگرام بابت ڳالهيون جمعي تي عمان جي راڄڌاني مسقط ۾ منعقد ٿينديون.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب واشنگتن تهران کي واضح پيغام ڏنو ته ڳالهين جي هنڌ يا فارميٽ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي درخواست قبول نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن ايران انهي طئي ٿيل فارميٽ ۾ واپس اچي ٿو ته واشنگٽن ۾ هن هفتي يا ايندڙ هفتي ملاقات جي لاءِ تيار رهي.

ايراني ذريعن موجب آمريڪا ڳالهين جي دوران نيو ڪليئر پروگرام کان علاوه دفاعي ۽ قومي سلامتي بابت ٻين معاملن کي به بحث هيٺ آڻڻ چاهي ٿو پر تهران انهن شين کي غير قابل ڳالهيون قرار ڏنو آهي. ايران جو موقف آهي ته هو صرف گڏيل دائره ڪار جي تحت نيو ڪليئر معاملن تي ئي ڳالهين جي لاءِ تيار آهي.

انهي کان اڳ ڳالهين جي لاءِ استنبول شهر کي تجويز ڪيو ويو. جتي ترڪي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي هئي پر عمان انهي کان اڳ به ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ رابطن ۾ اهم ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

اهي ڳالهيون اهڙي هنڌ ۽ وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن خليج فارس ۾ آمريڪي فوج جي وڌندڙ مقرري ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان امڪاني فوجي ڪارروائي جي ڌمڪين سبب آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن.

آمريڪا ۽ انهي جا ويجهي اتحادي اسرائيل ايران تي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جا الزام لڳائيندا رهيا آهن جڏهن ته ايران اهڙن الزامن کي رد ڪندو رهيو آهي ته انهي جو ايٽمي پروگرام صرف پرامن مقصد جي لاءِ آهي. جنهن ۾ بجلي جي پيداوار شامل آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔