اسلام آباد: وفاقي سرڪار يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي 5 فيبروري خميس جي ڏينهن سموري ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن موڪل بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
يوم ڪشمير هر سال پاڪستان ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو ويندو آهي انهي ڏينهن سموري ملڪ ۾ خصوصي تقريبون، سيمينار، ريليون ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي حمايت جو ارادو ڪري سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔