وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سوئٽزرلينڊ روانو

اسلام آباد:   وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس 2026 ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم 19 کان 23 جنوري 2026 تائين ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس 2026 ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وزير احد چيمه، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيون سينئر اختياريون شامل آهن.

وزيراعظم جون دوري جي دوران اهم سفارتي ۽ اقتصادي مصروفيتون هونديون هو مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ عالمي تنظيمن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.

دوري جو هڪ اهم حصو بزنس رائونڊ ٽيبل آهي جنهن جو گڏيل اهتمام پاڪستان ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم ڪري رهيا آهن. انهي فورم ۾ عالمي سطح جي نمايان ڪمپنين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا. جيڪي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جا موقعا ڳولڻ يا پنهنجي موجوده سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔