واشنگٽن: آمريڪا جا جنگي جهاز گرين لينڊ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. آمريڪي ۽ ڪينيڊين دفاعي اداري نوراڊ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته آمريڪي جنگي جهاز جلد گرين لينڊ ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏي تي پهچندا.
دفاعي اداري نوراڊ موجب گرين لينڊ جي حڪومت کي به منصوبه بندي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. نوراڊ جو چوڻ آهي ته آمريڪي جهازن جي نئين کهيپ پهچائڻ ڊينمارڪ حڪومت سان هم آهنگي آهي. آمريڪي فورسز کي ضروري سفارتي اجازت نامو حاصل آهي.
واضح رهي ته گرين لينڊ اصل ۾ ڊينمارڪ جو هڪ خود مختار علائقو آهي. 1951ع ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ گرين لينڊ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
معاهدي جي تحت آمريڪا گرين لينڊ کي امڪاني جارحيت کان بچائڻ جو ارادو ڪيو هو جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا 1958ع ۾ سرد جنگ جي شروعات تي دفاعي معاهدي نوراڊ تي صحيحون ڪيون هيون. نوراڊ جو بنيادي مقصد بيلسٽڪ ميزائلن جي لانچنگ جي وقت تي اطلاع ڏيڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔