اڊياله جو رهواسي فرسٽريشن جو شڪار آهي، انهي جا پنهنجا به ساٿ ڇڏي ويا: عظميٰ بخاري

لاهور:  پنجاب جي صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري چيو آهي ته اليڪٽرڪ بسون سياري ۾ عوام جي لاءِ نعمت ثابت ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته پنجاب جي پري وارن علائقن ۾ عوام سستي ۽ لگزري سفري سهوليت مان فائدو حاصل ڪري رهي آهي. پنجاب جو عام ماڻهو مريم نواز کي انهي لگزري سفري سهوليت تي دعائون ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته مريم نواز جو هر منصوبو عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي لاءِ آهي. ماضي ۾ پنجاب جي عوام کي بزدار ۽ گوگي جهڙن ماڻهن  ڪوڙا دلاسا ڏنا. پنجاب ۾ ٻيهر عوام جي نمائنده حڪومت آئي آهي ته ترقي ۽ خوشحالي به واپس اچي وئي آهي. پنجاب ۾ هاڻ هر ضلعي ۾ هڪ جهڙا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. مسلم ليگ(ن) جو منشور ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي آهي جيڪي اسٽريٽ موومينٽ هلائيندا آيا هئا اهي اڄ تحفظ ڪرسي موومينٽ جي فڪر ۾  آهن.

هن وڌيڪ چيو ته فلمي ڊائيلاگ هڻندڙ ۽ هوا ۾ تير هلائڻ سان تحريڪون نٿيون هلن. اڊيالا جو مستقل رهواسي جيل ۾ فرسٽريشن جو شڪار ٿي چڪو آهي. عظميٰ بخاري چيو ته انهي جي انتشار جي سياست سبب انهي جا پنهنجا ويجها ساٿي به  ڇڏي ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔