اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل ٽن ججز حلف کڻي ورتو

اسلام آباد:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل ٽن ججز جسٽس محمد آصف، جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس حلف کڻي ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ٽنهي ججز کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن کان پوءِ قومي تراني جي ڌُن وڄائي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ججز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو.

قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جا ججز تقريب ۾ شريڪ ٿيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر واجد گيلاني ۽ سيڪريٽري منظور ججه به تقريب ۾ شريڪ ٿيو.

قانون واري وزارت صدر آصف علي زرداري جي منظوري سان ٽنهي ججز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. ٽنهي ججز مستقل مقرري کان اڳ  هڪ سال تائين بطور ايڊهاڪ جج طور ڪم ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔