رياض: سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي الزامن ۾ ڏوهي ثابت ٿيڻ کان پوءِ ٽن ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.سعودي ميڊيا موجب، موت جي سزا ٻڌايل ماڻهن ۾ حسين بن سالم بن محمد العمري، سعود بن حليل بن سعود العنزي ۽ بسام محسن مران السبائي شامل آهن. سيڪيورٽي ادارن جاچ کان پوءِ ٽنهي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪيس کي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ٽنهي ماڻهن کي شريعت ۽ سعودي قانونن تحت موت جي سزا ٻڌائي.سعودي گهرو وزارت چيو ته ٽئي ڄڻا سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين ۾ ڌماڪيدار مادو لڳائڻ، آفيسرن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ دهشتگرد عنصرن کي پناهه ڏيڻ جهڙن ڏوهن ۾ ملوث هئا. گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته سماج جي امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔