اڄ يا سڀاڻي سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويندو: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اڄ يا سڀاڻي سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري ٿي ويندي.

سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻنهي اڳواڻن کي اپوزيشن اڳواڻ جي طور تي نامزد ڪيو ويو آهي انهي لاءِ ٻنهي جي مقرري ٿي وڃي ته بهتر آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته جي يو آءِ چئي رهي آهي ته اپوزيشن اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن نوازشريف جي چوڻ تي جاري ٿيو؟

بيرسٽر گوهر چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار اسپيڪر کي آهي جيڪو انهي ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ڪوشش هئي ته اپوزيشن اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿئي جنهن به ڪرايو بهتر ٿيو. منهنجي خيال ۾ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جاري ڪيو اسان سندن ٿورائتا آهيون.

صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ميمبر جوڊيشل ڪميشن جي گذريل اجلاسن ۾ شريڪ ڇو نه ٿيا؟ جنهن جو جواب ڏيندي بيرسٽر گوهر چيو ته 27هين آئيني ترميم کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن جي حيثيت تبديل ٿئي 26هين آئيني ترميم تي خدشن سبب جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ پهريان به شامل نٿي ٿيڻ چاهيو. اسان چاهيو ٿي جيڪي به ججز اچن اهي هن طريقيڪار جو حصو رهن جيئن پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم کان پوءِ نئي عدالت بڻجي تڏهن کان هينئر تائين پي ٽي آءِ باني سان ملاقات  نه ٿي آهي. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي ته انهي سان ڳالهيون ڪري اڳيان وڌنداسين.

بيرسٽر گوهر چيو ته جهڙي طرح ٻين ڪميٽين جو بائيڪاٽ ڪيو اهڙي طرح جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ به نه وياسين. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت جو حتمي فيصلو ڪنداسين.

 

تبصرے بند ہیں۔