ڪراچي: گل پلازا باھ واقعي بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، متاثر دڪاندارن جي فوري بحالي جو اعلان
ڪراچي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گل پلازا ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه جي واقعي بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، بحالي بابت صلاحڪار گيانچند اسراني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڊي سي سائوٿ جاويد کوسو، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، واپاري اڳواڻ جاويد بلواني، ادريس ميمڻ، محمد رضا، جنيد مڪدا، طارق يوسف ۽ تنوير پاستا شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه تي انتهائي ڏک ۽ افسوس آهي. جاني نقصان جو مطلب آهي ته ڪيترائي خاندان سخت متاثر ٿيا آهن، هڪ ئي رات ۾ هلندڙ ڪاروبار تباهه ٿي ويو ۽ 1200 کان وڌيڪ دڪاندار بي روزگار ٿي ويا آهن، حڪومت جي اولين ترجيح متاثرن جي بحالي آهي، گل پلازا جي سمورن متاثر دڪاندارن کي تمام جلد بحال ڪيو ويندو.
وڏي وزير چيو ته اهو طئي ڪرڻو آهي ته متاثرن کي ڪهڙي ريت فوري دڪان مهيا ڪري انهن جو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرايو وڃي اجلاس دوران ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي وزيراعليٰ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گل پلازا مان هينئر تائين 14 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته خدشو آهي ته فوتگين جو انگ 50 کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ڪمشنر ٻڌايو ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ هن وقت ڪولنگ جو عمل جاري آهي. جنهن تي وڏي وزير ملبو فوري طور هٽائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اجلاس ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته باهه وسائڻ لاءِ 16 فائر ٽينڊرز ۽ باؤزر استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته 50 کان 60 فائر فائٽرز آپريشن ۾ حصو ورتو. واٽر بورڊ طرفان 4 لک 31 هزار گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو. وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند اسراني اجلاس کي آگاهه ڪيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳ ڀڳ رات 10 لڳي 36 منٽن تي لڳي. گل پلازا 8000 اسڪوائر گز تي تعمير ٿيل هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1200 دڪان هئا. ريسڪيو 1122 ڇهن منٽن اندر پنهنجي ايمبولينسون واقعي واري هنڌ پهچايون، جڏهن ته ڪي ايم سي ۽ نيوي سميت مجموعي طور 24 فائر ريسڪيو گاڏين حصو ورتو.
اجلاس دوران واپاري اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير کي مختلف تجويزون ڏنيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دڪاندارن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ته جيئن سندن روزگار ٻيهر شروع ٿي سگهي. وزيراعليٰ سنڌ اعلان ڪيو ته گل پلازا جي عمارت ٻيهر تعمير ڪئي ويندي. هن چيو ته متاثرن کي فوري دڪان فراهم ڪرڻ بابت ڪميٽي سفارشون پيش ڪندي. باھ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ فورنزڪ جاچ ڪرائي ويندي، جڏهن ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي چيف سيڪريٽري نوٽيفاءِ ڪندو.
اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته گل پلازا واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ هڪ فائر فائٽر جو والد به فائر فائٽر هو، جيڪو پڻ شهيد ٿي چڪو هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن کي فوري معاوضو ڏنو ويندو جنهن کان پوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا متاثرن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ، جيڪا معاوضي ۽ بحالي بابت سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽي ۾ وزير بلديات ناصر حسين شاهه، وزير محنت ۽ انساني وسيلا سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي شامل آهن.
مراد علي شاهه چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا بار بار فون اچي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي قيادت چاهي ٿي ته گل پلازا جي متاثر واپارين کي فوري بحال ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڊگهي مدي لاءِ فائر فائٽنگ ۽ حفاظتي انتظامن جو جامع پلان تيار ڪري ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي، جن عمارتن ۾ ايمرجنسي نڪاس ۽ فائر الارم موجود ناهن، انهن کي يقيني بڻايو وڃي. آخر ۾ وزيراعليٰ سنڌ صوبائي وزيرن کي هدايت ڪئي ته گل پلازا واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهر وڃي تعزيت ڪئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔