ڪابه حڪومت بلدياتي چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ سنجيده نه آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد:   اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته ڪابه حڪومت بلدياتي چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي.

اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون وقت تي منعقد ڪرائڻ واري قانونسازي جي سفارش ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب لوڪل گورنمنٽ نظام ملڪي جمهوري ادارن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي جيڪو مقامي سطح تي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن ۾ دير کي هڪ قومي مسئلو قرار ڏيندي حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 219 ۾ ترميم ڪئي وئي.

سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتن جو مدو پورو ٿيڻ يا انهن جي تحليل جي صورت ۾ انهي وقت لاڳو لوڪل گورنمنٽ قانون جي تحت بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن ڪنهن به قسم جي قانوني يا انتظامي رڪاوٽ پيدا نه ٿئي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اهي سفارشنون انهي لاءِ اماڻيون ويون آهن ته ماضي ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪابه حڪومت بلدياتي چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي. جنهن سبب مقامي سطح تي جمهوري عمل متاثر ٿيندو آهي ۽ عوام بنيادي سهوليتن کان محروم رهندي آهي.

اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته بلدياتي چونڊن جو منعقد صرف اليڪشن ڪميشن جي نه پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن  جي گڏيل آئيني ذميواري آهي. وقت تي چونڊون نه ٿيڻ سان هيٺين سطح تي جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي جنهن جو سڌو سنئون نقصان عوام کي پهچندو آهي.

اختيارين جو موقف آهي ته بلدياتي ادارن کان سواءِ جمهوريت اڻ مڪمل آهي، انهي لاءِ ضروري آهي ته مقامي حڪومتن جي تسلسل ۽ عوامي نمائندگي کي يقيني بنائڻ لاءِ واضح ۽ موثر قانوني فريم ورڪ ٺاهيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔