پاڪ فضائيه جو دستو گهڻ ملڪي فضائي جنگي مشق ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو

اسلام آباد:  پاڪ فضائيه جو دستو گهڻ ملڪي فضائي جنگي مشق سپيئرز آف وڪٽري-2026 ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي ڪنگ عبدالعزيز ايئربيس پهچي ويو.

انهي دستي ۾ جديد ايف 16 بلاڪ 52 جنگي جهاز ۽ فضائي، زميني عملو شامل آهي جيڪو ڊگهي فاصلي جي نان اسٽاپ اڏام جي ذريعي مشق ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پهتو.

آءِ ايس پي آر موجب اها عالمي مشق پاڪستان سميت 10 ملڪن جي فضائي فوج جي گڏيل تربيت آهي. جنهن ۾جديد اليڪٽرانڪ وارفيئر آپريشنز تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.

پاڪ فضائيه جي انهي مشق ۾ شرڪت علائقائي، عالمي عسڪري تعاون جو عملي مظاهرو آهي ۽ جديد جنگي ماحول ۾ انهي جي پيشوارانه مهارت جي عڪاسي ڪري ٿي.

پاڪ فضائيه پنهنجي ايف 16 بلاڪ 52 جهازن جي صلاحيتن جو عالمي سطح تي موثر مظاهرو ڪيو آهي جيڪو عالمي فضائي فوج سان گڏ گڏيل جنگي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

اها گهڻ ملڪي مشق علاقائي سلامتي ۽ دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي پاڪ فضائيه جي شرڪت عالمي تعاون ۽ پيشه وارانه مهارت جو ثبوت آهي.

تبصرے بند ہیں۔