سنڌ طاس معاهدي خلاف ڀارتي قدمن تي آمريڪي رسالي پاڪستان جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:   ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻي جي سياست نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

دي نيشنل اٽٽرسٽ موجب سنڌ طاس معاهدي جي معطلي علاقائي ڇڪتاڻ وڌائيندي ڀارت جو دُلهستي اسٽيج-11 منصوبو سنڌ طاس معاهدي جي خلاف قدم آهي. ڀارت پاڻي کي اسٽريٽجڪ هٿيار بنائي رهيو آهي.

دي نيشنل انٽرسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڻي جو بحران ڏکڻ ايشيا ۾ وڏو انساني خطرو بڻجي سگهي ٿو. ڀارت طرفان آبي ڊيٽا جي فراهمي روڪڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.  عالمي ٽياڪڙي واري عدالت واضح چيو آهي ته ڀارت سندس طاس معاهدو هڪ طرفي طور تي معطل نٿو ڪري سگهي.

ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي بنيادي ضمانت آهي. ڀارت تي مغربي  دريائن جو پاڻي پاڪستان جي لا مهيا ڪرڻ قانوني طور تي لازمي آهي.

آمريڪي رسالي موجب پاڻي کي هٿيار ٺاهڻ جي ڀارتي ڪوشش عالمي عدالت ۽ عالمي قانون جي نظر ۾ برداشت نه ڪرڻ جوڳي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔