نئين سال جي موقعي تي مري ۾ قلم 144 لاڳو، صرف فيمليز کي داخلا جي اجازت

مري:  نئين سال جي موقعي تي مري ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايندڙ 3 ڏينهن دوران مري مال روڊ تي صرف فيمليز کي داخلا  جي اجازت هوندي.

ڊي پي او مري موجب اهڙو قدم سياح فيمليز کي پرامن ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. بيچلر ٽورسٽ مري مال روڊ کان سواءِ ٻِن هنڌن تي نٿا وڃي سگهن.

ٻئي طرف ملڪه ڪوهسار مري کي ڪڪرن چئني طرفان گهيري ڇڏيو آهي جتي نئين سال جون خوشيون ملهائڻ جي لاءِ سياحن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي. موسميات کاتي اڄ کان 2 جنوري تائين برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

مري، گليات ۾ امڪاني برفباري تي هاءِ وي کاتي پنجاب الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ملڪ صهيب احمد ڀرٽ هاءِ وي کاتي کي مڪمل الرٽ رهڻ، برف هٽائڻ جي لاءِ مشينري هر وقت فعال رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔