اسلام آباد: گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي جي تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ڀارت تي واضح برتري حاصل ڪري ورتي.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پاڪستان 2026 جي شروعات تي اقتصادي ۽ امن جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پاڪستان ڀارت ۽ عالمي اوسط ٻنهي کان اڳيان رهيو آهي، گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي کي 60 ملڪن ۾ ڪيو ويو.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو ماڻهو ايندڙ سال جي باري ۾ پراميد آهن. گڏيل طور تي 31 سيڪڙو جو نيٽ مثبت رجحان بڻجي ٿو. اقتصادي حوالي سان 53 سيڪڙو پاڪستاني 2026 کي خوشحالي جو سال سمجهن ٿا.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پراميد پاڪستان جي شرح ڀارت جي 39 سيڪڙو کان ڪافي وڌيڪ آهي اهو عالمي اوسط 24 سيڪڙو کان به نمايان طور تي بلند آهن. امن جي حوالي سان به پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب 52 سيڪڙو پاڪستانين کي اميد آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو. امن جي حوالي سان ڀارت ۾ اها شرح صرف 26 سيڪڙو آهي اها سطح پاڪستان ۾ 1994 کان پوءِ رڪارڊ ڪيل اميدن مان هڪ بلند ترين سطح آهي.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب خصوصي طور تي اهو رجحان 1990 جي ڏهاڪي جي آخر ۽ 2010 جي ڏهاڪي جي وچ ۾ ڏٺو ويو هو. پاڪستان عالمي سطح تي 3 اهم پيمانن ۾ اوسط سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي انهن پيمانن ۾ گڏيل اميد، اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي اميد شامل آهن.
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پاڪستان انهن مان ٻن پيمانن ۾ ڀارت کان اڳتي آهي. نتيجن غير يقيني عالمي ماحول جي باوجود پاڪستاني عوام 2026 جي حوالي سان پراعتماد ۽ پراميد آهي. گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي معاشي ترقي ۽ عالمي امن جي باري ۾ عالمي ۽ علاقائي اهم منصوبن جي بهتر تصوير پيش ڪري ٿو.
سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امن جي حوالي سان به پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. 52 سيڪڙو پاڪستانين کي اميد آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو. امن جي حوالي سان ڀارت ۾ اها شرح صرف 26 سيڪڙو آهي، اها سطح پاڪستان ۾ 1994 کان پوءِ رڪارڊ ڪيل اميدن مان هڪ بلند ترين سطح آهي.
تبصرے بند ہیں۔