لاهور: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي.نيلم وادي ۾ ٽئين ڏينهن به وقفي وقفي سان مينهن ۽ برفباري جو سلسلو جاري رهيو، سردي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، مٿانهين علائقن ۾ 2 فوٽ کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، مظفر آباد ۾ جبلن تي برفباري بند ٿي وئي.موسميات کاتي موجب ليه ۾ پارو منفي 8، گوپس ۾ منفي 4، ڪالام ۽ ڪوئيٽا ۾ منفي 3، قلات ۾ گرمي پد منفي 2 ۽ مالم جبه ۾ منفي 1 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ ملڪ ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔