نويڊيا پاران ايڇ 200 چپس چين کي فراهم ڪرڻ جو اعلان

بيجنگ: نويڊيا (نويڊيا) چين جي گراهڪن کي ٻڌايو آهي ته هو وچ فيبروري ۾ قمري نئين سال جي موڪلن کان اڳ پنهنجي ايڇ200 مصنوعي ذهانت (اي آءِ) چپس چين ڏانهن موڪلڻ شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي خبر موجب هن معاملي کان واقف ٽن ماڻهن موجب، آمريڪي چِپ ٺاهيندڙ ڪمپني شروعاتي آرڊر موجوده اسٽاڪ مان پوري ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي، جنهن تحت 5 هزار کان 10 هزار چِپ ماڊيول موڪليا ويندا، جيڪي لڳ ڀڳ 40 هزار کان 80 هزار H200 AI چپس جي برابر آهن.
هڪ ذريعي موجب نويڊيا چين جي گراهڪن کي اهو به ٻڌايو آهي ته هو انهن چپس جي پيداوار لاءِ نئين گنجائش وڌائڻ جو منصوبو به رکي ٿي، جنهن لاءِ آرڊر 2026 جي ٻئي ٽه ماهي ۾ کوليا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا به ڪافي غير يقيني صورتحال موجود آهي، ڇو ته بيجنگ اڃا تائين H200 چپس جي ڪنهن به خريداري جي منظوري نه ڏني آهي، ۽ ٽائيم لائين سرڪاري فيصلن جي حساب سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
هڪ ذريعي چيو ته سمورو منصوبو حڪومت جي منظوري سان مشروط آهي، ۽ سرڪاري اجازت کان سواءِ ڪجهه به حتمي ناهي.
ذريعن پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته ڳالهيون نجي نوعيت جون آهن.
روئٽرز کي جاري ڪيل بيان ۾ نويڊيا چيو: “اسين پنهنجي سپلاءِ چين کي مسلسل منظم ڪندا رهون ٿا. چين ۾ مجاز گراهڪن کي H200 جي لائسنس يافته وڪري سان آمريڪا جي گراهڪن کي فراهمي تي ڪو به اثر نه پوندو.”
چين جي وزارت صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تبصري جي درخواست تي فوري طور جواب نه ڏنو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن مهيني جي شروعات ۾ چيو هو ته واشنگٽن چين کي H200 چپس وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، پر ان تي 25 سيڪڙو فيس لاڳو ٿيندي. روئٽرز موجب، ٽرمپ انتظاميا H200 چپس جي چين ڏانهن وڪري لاءِ لائسنس درخواستن جو بين الادارتي جائزو شروع ڪيو آهي.
هي قدم بائيڊن انتظاميا جي پاليسي کان وڏي تبديلي آهي، جنهن قومي سلامتي جي خدشن سبب چين کي جديد AI چپس وڪڻڻ تي پابندي لڳائي هئي.
H200، نويڊيا جي پوئين نسل جي “هوپر” سيريز جو حصو آهي، جيڪو نئين “بليڪ ويل” گرافڪس پروسيسنگ يونٽس اچڻ باوجود اڃا تائين AI ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيو آهي. نويڊيا هن وقت بليڪ ويل ۽ ايندڙ “روبن” سيريز تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهي آهي، جنهن سبب H200 جي فراهمي محدود ٿي وئي آهي.
ٽرمپ جو فيصلو اهڙي وقت ۾ آيو آهي، جڏهن چين پنهنجي گهريلو سيمِي ڪنڊڪٽر صنعت کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. چيني چِپ ٺاهيندڙ اڃا تائين H200 جي ڪارڪردگي تائين پهچي نه سگهيا آهن، جنهن سبب خدشو آهي ته درآمد جي اجازت سان مقامي ترقي سست ٿي سگهي ٿي.
روئٽرز موجب، چيني عملدارن هن معاملي تي بحث لاءِ تازو ايمرجنسي اجلاس پڻ ڪيا، جن ۾ تجويز ڏني وئي ته هر H200 خريداري سان گڏ هڪ مقرر تناسب ۾ گهريلو چپس به شامل ڪيون وڃن.
علي بابا گروپ ۽ بائيٽ ڊانس جهڙين چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنين لاءِ، جيڪي H200 چپس خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري چڪيون آهن، اهي چپس اهڙن پروسيسرن تائين رسائي فراهم ڪنديون، جيڪي H20 جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهن. H20 نويڊيا پاران چين لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل گهٽ ظرفيت واري GPU آهي.
آمريڪي قانون سازن جا خدشا
سومر تي ٻن سينيئر ڊيموڪريٽ قانون سازن آمريڪي واپار کاتي کان مطالبو ڪيو ته چين کي نويڊيا H200 چپس وڪڻڻ بابت لائسنسن جي منظوريءَ جا تفصيل ظاهر ڪيا وڃن.
سينيٽر ايلزبيٿ وارن ۽ ڪانگريس ميمبر گريگري ميڪس هڪ خط ۾ واپار کاتي کان مطالبو ڪيو ته سڀني لائسنس درخواستن ۽ منظور ٿيل لائسنسن کي 48 ڪلاڪن اندر ظاهر ڪيو وڃي. انهن قانون سازن چپس جي فوجي امڪانن بابت به جائزي جو مطالبو ڪيو آهي.
ايلزبيٿ وارن چيو ته چين کي H200 چپس وڪڻڻ جو فيصلو چين جي ٽيڪنالاجي ۽ فوجي بالادستيءَ کي تيز ڪري سگهي ٿو ۽ آمريڪي معاشي ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.

تبصرے بند ہیں۔