174,000 نان فائلرز جي فهرست تيار ، گهريلو عورتون به شامل

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ لک کان وڌيڪ نان فائلرز جي نئين فهرست تيار ڪئي آهي.ايف بي آر ذريعن موجب هڪ لک 74 هزار نان فائلرز جي نئين فهرست تيار ڪئي وئي آهي، نان فائلرز جي فهرست ۾ گهريلو عورتون به شامل آهن.ايف بي آر ذريعن ٻڌايو ته گهڻن نان فائلرز کي نوٽيس موڪليا ويا آهن، ايف بي آر نان فائلرز جي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي آن لائن ۽ گهر تي نوٽيس موڪلي رهيو آهي.ذريعن موجب، نان فائلرز دستاويزن سان گڏ 3 سالن جا ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائيندا.

تبصرے بند ہیں۔