رٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر نوڪري تي پينشن ۽ پگهار بابت پابندين جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا ويا

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت رٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ پينشن ۽ پگهار بابت لڳايل پابندين جا ٻئي نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيا آهن.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نئين آفيس ميمورنڊم موجب انهن نوٽِفڪيشن جي واپسي اطلاق فوري طور تي لاڳو ٿيندو.

ناڻي واري وزارت 22 اپريل  تي جاري ڪيل اهي نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيا آهن جنهن جي تحت ٻيهر سرڪاري نوڪرين تي پينشن يا پگهار مان ڪنهن کي چونڊ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو.

نوٽيفڪيشن جي ذريعي 60 سال جي عمر کان پوءِ ٻيهر نوڪري ڪندڙ وفاقي پينشنز تي هڪ ئي وقت پينشن ۽ پگهار وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي.

 

تبصرے بند ہیں۔