طالبان جي دعويٰ ڪوڙي ثابت، گڏيل قومن افغان زمين تي دهشتگردن جي موجودگي بي نقاب ڪري ڇڏي

نيويارڪ:  گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي هڪ تازي رپورٽ ۾ طالبان جي انهي دعويٰ کي رد ڪيو ويو آهي ته افغان زمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿي رهي آهي.

رپورٽ ۾ طالبان جي موقف کي اعتبار نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڙيسري ملڪ تيزي سان افغانستان کي علائقائي عدم استحڪام جو سبب سمجهڻ لڳا آهن. گڏيل قومن جي تجزياتي مدد ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي 16هين رپورٽ موجب طالبان مسلسل انهي ڳالهه کان انڪار ڪندا رهيا آهن ته افغانستان ۾ ڪنهن دهشتگرد گروپ جي موجودگي آهي يا اتان کان سرحد پار حملا ڪيا پيا وڃن. پر اها دعويٰ حقيقتن کان هڪ جهڙائي نٿي رکي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته داعش خراسان، تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) القاعده، ترڪستان اسلاملڪ پارٽي ۽ ٻيا شدت پسند گروپ افغانستان ۾ موجود آهن جڏهن ته ڪجهه گروپن افغان زمين کي ٻاهرين حملن جي منصوبه بندي جي لاءِ استعمال ڪيو آهي.

گڏيل قومن موجب القاعده طالبان سان ويجها رابطا رکن ٿا ۽ ڪيترن ئي افغان صوبن ۾ انهن جي موجودگي برقرار آهي جتي انهن کي تربيت ۽ نئين سري سان تنظيم ٺاهڻ جا موقعا ملي رهيا آهن. ٻئي طرف داعش خراسان کي طالبان جو اهم مخالف قرار ڏنو ويو آهي جنهن جي خلاف ڪارروائين جي باوجود گروپ حملا جاري رکندا پيا اچن.

رپورٽ ۾ ٽي ٽي پي کي علاقائي سلامتي جي لاءِ سڀني کان وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي. گڏيل قومن موجب اهي گروپ افغان محفوظ ٺڪاڻن مان پاڪستان تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ 2025 جي دوران پاڪستان ۾ انهي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ڪجهه اندازن موجب هلندڙ سال هينئر تائين 600 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب طالبان جي اندر ڪجهه عناصر ٽي ٽي پي جي لاءِ همدردي رکن ٿا ۽ تاريخي رابطن سبب طالبان طرفان انهي گروپ جي خلاف موثر ڪارروائي جو امڪان گهٽ نظر اچي رهيو آهي. ٽي ٽي پي جي سرگرمين پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي سخت متاثر ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرحدي چڪريون، جاني نقصان ۽ واپار ۾ رنڊڪ پيدا ٿي.

 

تبصرے بند ہیں۔