تعليم کاتي جي ملازمن کي رهيل پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: : سنڌ ھاء ڪورٽ تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي 28 مھينن جون پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت طرفان هدايتون ڏنيون ويون آهن ته گريڊ هڪ کان چار تائين پابندي ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي ملازم نوڪري ڪن ٿا انهن کي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن. عدالت طرفان ٻن ھفتن اندر اهو عمل مڪمل ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي.سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بينچ جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ رياضت علي ساھڙ تي ٻڌل ڊويزنل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران 20 کان وڌيڪ درخواستگذار پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا. انهي موقعي تي درخواستگذارن چيو ته اسان گذريل 28 مھينن کان نوڪريون ڪري رھيا آھيون پر پگھار نٿي ڏني وڃي، احتجاج به ڪيا، اعلي عملدارن کي لکت ۾ شڪايت ڪئي پر ڪو به قدم نه کنيو ويو.جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ملازمن کي پگھار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٻن ھفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تبصرے بند ہیں۔