ڪراچي: پاڪ بحريه پنهنجي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت جو ارادو ڪندي آچر تي اتر عرب سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح کان فضا تائين مار ڪندڙ جديد ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.
رپورٽ موجب فائر پاور ڊيمونسٽريشن جي دوران پاڪ بحريه جي جهاز انتهائي متحرڪ فضائي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بنايو جنهن سان بحريه جي جنگي جي صلاحيت ۽ جنگ ۾ امڪاني قابليت جو ارادو ظاهر ٿيو.
ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب ايف ايم-90 (اين) اي آر جو فائرنگ جي موقعي تي مشاهدو ڪيو جنهن کان پوءِ هن انهي ڪارروائي ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن جي وابستگي ۽ پيشوارانه مهارت جي پڻ تعريف ڪئي. هن پاڪستان جي سامونڊي دفاع کي يقيني بنائڻ ۽ هر صورت ۾ قومي بحري مفادن جي تحفظ لاءِ نيوي جي اڻکٽ ارادن جو اظهار به ڪيو.
ٻڌايو ويو آهي ته فائر پاور جي انهي مظاهري جي دوران انتهائي تيزي سان فضائي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بنايو ويو، لائيو ميزائل فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو پاڪ بحريه جي آپريشنل صلاحيت ۽ تياري جو چٽو ثبوت آهي.
تبصرے بند ہیں۔