قومي اسيمبلي اجلاس: پيپلز پارٽي جي حڪومت تي تنقيد، پي ٽي آءِ ميمبرن جو عمران خان جون تصويرون کڻي احتجاج، نعريبازي
اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر علي زاهد جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي ميمبرن طرفان گوڙ ڪيو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آغا رفيع الله چيو ته اسيمبلي ميمبر محنت ڪري سوال آڻيندا آهن، صرف گهمائي ڦرائي جواب ڏنا ويندا آهن، ٽي اي ڊي اي ٺاهيو ويندو آهي، هتي جيڪو ڪتابن ۾ لکيو ويندو آهي انهي جو 10 سيڪڙو به نه آهي. ايف اي بي جي ٽال فري نمبر تي هن وقت ڪال ڪريو ڪوبه جواب اچي ته ٻڌايو.
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر جي سوال جو جواب تفصيلي ڏنو ويو آهي. لابي ۾ وڃي ٽال فري نمبر تي به ڪال ڪري ٿا وٺون هي جيڪا هتي تقرير ڪري رهيا آهن اها سياسي آهي. وقتي اسپيڪر علي زاهد آغا رفيع الله ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي لابي ۾ ويهي معاملا حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
انهي دوران پي ٽي آءِ ميمبر ايوان ۾ پهچي ويا، ميمبرن پي ٽي آءِ باني جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو، اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. اپوزيشن ميمبرن نقطه اعتراض گهري ورتو. پينل آف چيئر سوالن جي وقفي دوران اعتراض ڏيڻ کان معذرت ڪري ورتي ۽ چيو ته سوالن جي وقفي ۾ نقطه اعتراض نه ڏنو ويندو.
انهي دوران اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، وقتي اسپيڪر ميمبرن جي ڳڻپ جي هدايت ڪئي ڪورم بابت ميمبرن جي ڳڻپ ۾ ايان ۾ ڪورم پورو نڪتو.
اجلاس ۾ نبيل گبول چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪوبه سينٽر منهنجي تڪ ۾ نه آهي، عورتون اتي رش سبب بيهوش ٿي وينديون آهن. اتي ويٺل ماڻهو ڪرپشن ڪري رهيا آهن. 15 سئو روپيه هر عورت کان ورتا وڃن ٿا. وفاقي وزير پير عمران شاهه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف انهي کي شفاف بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. مارچ 2026 تائين سمورو نظام ڊيجيٽل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي حڪومت ۾ ڪابه ڪرپشن نه ٿيندي. آغا رفيع الله چيو ته هتي وزير ته ڪير آهي ئي ڪونه، سوالن جا جواب ڪير ڏيندو. اپوزيشن جو ڪردار اسان ادا ڪري رهيا آهيون، اسان جي حوصله افزائي ڪريو.
وقتي اسپيڪر علي زاهد چيو ته وفاقي وزير طارق فضل چوڌري هتي موجود آهي. آغا رفيع الله چيو ته طارق فضل پنهنجي ڳالهين ۾ مصروف آهي. اچو طارق فضل چوڌري سان ڪو حساب ڪتاب ڪري ٿا وٺون.
انهي دوران اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي ٻيهر ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪورم بابت ايوان ۾ ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي ته حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جنهن کان پوءِ علي زاهد چيو ته ايوان ۾ 63 ميمبر موجود آهن. وقتي اسپيڪر جي اعلان دوران پيپلز پارٽي جي ميمبرن گوڙ ڪيو، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
اجلاس کان پوءِ پيپلز پارٽي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته اڃان سوالن جي وقفي دوران منهنجو سوال مڪمل ئي نه ٿيو هو ته ڪيئن ڪنهن ٻئي ميمبر جو مائيڪ کولي ڪورم جي اجازت ڏني وئي. مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ لابي ۾ ويهي رهيا، اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش جي تحت ڪيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو ايئرپورٽ جي جڳهه تبديل ٿي وئي ته انهي جو نالو ڪيئن تبديل ٿي ويو؟ ڇا نادره آفيس جي بلڊنگ تبديل ٿيڻ سان انهي جو نالو تبديل ٿي ويندو؟ ڇا پارليامينٽ جي بلڊنگ جي جڳهه تبديل ٿئي ته انهي جو نالو به تبديل ٿيندو.؟ هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي ڪنهن تعريف جي ضرورت نه آهي. ننڍي سوچ جا ماڻهو آهن. هميشه ننڍا ئي رهندا. اوهان هڪ ايئرپورٽ جو نالو لڪائيندا ڦري رهيا آهيو.
هن چيو ته اها ڪهڙي سازش آهي؟ پيپلز پارٽي هميشه هر شيءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو حڪومت جواب نه ڏنو ته پيپلز پارٽي گڏجاڻي ۾ طئي ڪري فيصلو ڪني ته اڳيان جو لائحه عمل ڇا هوندو.
پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ شازيه مري چيو ته اوهان کي لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي اسيمبلي ۾ صرف تماشو لڳائڻ ايندي آهي ته ائين نه آهي، ڇا اڄ به اهوئي ساڳيو بغض آهي ته هڪ ايئرپورٽ جو نالو نه پيو رکيو وڃي. وزيراعظم کان مطالبو ڪريان ٿي ته اوهان ڳالهين کي ياد ڪريو جيڪي اوهان خاتول اول سان ڪيون آهن.
شازيه مري چيو ته ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ئي اهڙين اهڙين شين کي پنهنجي نالي تي ڪندا آهن جنهن کي ڏسي حيرت ٿيندي آهي. شهيد بينظير ته پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه نه چيو. اها هڪ عظيم اڳواڻ هئي، پي ٽي آءِ پرومودي چينلز تي وڃي پاڪستان جي خلاف ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان جا به ساڳين ئي عدالتن بدترين فيصلا ٻڌايا. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو. پر انهي جي باوجود اسان ڪنهن به عمارت کي باهه ڏئي نه ساڙيو.
تبصرے بند ہیں۔