گورنر راج لڳو ته خيبرپختونخواهه جو هر چوڪ ڊي چوڪ بڻجي ويندو: تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان

پشاور:  تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان قومي ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن گورنر راج لڳو ته خيبرپختونخواهه جو هر چوڪ ڊي چوڪ هوندو. جج، جرنيل، سياستدانن، عالمن تي ٻڌل قومي ڪانفرنس گهرائي وڃي.

رپورٽ موجب پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، شاهد خٽڪ، مينا خان، تيمور سليم جهگڙا، عاطف خان، مصطفيٰ نواز کوکر، شير علي ارباب، شفيع جان به خطاب ڪيو.

تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته حق، باطل جي جنگ جو آخري مرحلو شروع ٿي ويو آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ عمران خان اهي ئي جمهوري طاقتون آهن. اسان جي تحريڪ سان هنن جا هوش حواس وڃائجي چڪا آهن.  پاڪستان جي آئين موجب جيڪو آئين کي ٽوڙيندو آهي اهو سيڪيورٽي رسڪ آهي، جن ماڻهن جنگ کي ختم ڪيو اهي ترقي ڪري رهيا آهن، اسان کي به جنگي جنونيت کي ختم ڪرڻو پوندو.

اچڪزئي چيو ته افغانستان وارا اسان جا ڀائر آهن. اسان هڪ زنجير آهيون، آئين، قانون جون ڳالهيون ڪندڙن کي جيل ۾ وڌو ويو آهي قومي ڪانفرنس گهرائي وڃي جنهن ۾ جج، جرنيل، عالمن ۽ سياستدانن کي گهرايو وڃي. قومي ڪانفرنس ۾ اسان هڪ ٻئي کي بخشي ڇڏيون ۽ ملڪ کي بچايون. اهڙو ملڪ هجي جتي اسان آزاد هجون، آئين، قانون جي بالادستي ٿئي. پارليامينٽ ۽ عوام جون چونڊيون اسيمبليون رياست آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔