گڊز ٽرانسپورٽر اڻڄاتل مدي لاءِ سموري ملڪ ۾ ڦيٿه جام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:  گڊز ٽرانسپورٽرز سومر ڏينهن کان اڻڄاتل مدي لاءِ سموري ملڪ ۾ ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي اعلان جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڪيو.

ملڪ شهزاد اعواڻ موجب گڊز ٽرانسپورٽرز پنجاب حڪومت کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو جنهن ۾ گاڏين جي خلاف داخل ايف آءِ آرز واپس وٺڻ، گاڏين کي ناجائز روڪڻ جو سلسلو ختم ڪرڻ ۽ ڊرائيورز جي گرفتارين اعتراض شامل هئا.

هن دعويٰ ڪئي ته پنجاب پوليس طرفان ٽرانسپورٽرن جي ڊرائيورز کي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين جي خلاف ايف آءِ آرز به داخل ڪئي وئي جنهن تي احتجاج ڪندي ٽرانسپورٽرز حڪومت کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني هئي.

ملڪ شهزاد اعواڻ ٻڌايو ته 72 ڪلاڪن جي دوران جيڪڏهن پنجاب حڪومت جي نمائندن رابطو ڪيو پر مطالبن جي حل لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي. هن اعلان ڪيو ته سومر کان ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز ڪابه لوڊنگ نه ڪندي هن چيو ته جيستائين وفاقي پنجاب ۽ سنڌ حڪومتون سمورن مطالبن کي نٿيون مڃين  ڦيٿا جام هڙتال اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندي. ملڪ شهزاد اعواڻ انهي سموري صورتحال جو ذميوار پنجاب حڪومت کي قرار ڏنو.

راولپنڊي اسلام آباد ۾ اسڪول، ڪاليج جي لاءِ هلندڙ پڪ اينڊ ڊراپ سروس به هڙتال ۾ شامل آهن. پڪ اينڊ ڊراپ وينز گهرن تي نه پهتيون جنهن کان پوءِ والدين پاڻمرادو ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا.

روڊن تي صبح سوير کان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي چرپر نه ٿيڻ جي برابر، مال بردار ۽ گڊز ٽرانسپورٽز به هڙتال ۾ شامل آهن. آچر تي ضلعي سطح تي انتظاميه جي ٽرانسپورٽرز کان ڳالهيون جاري هيون. رات دير تائين لاهور ۾ صوبائي سطح تي به ڳالهيون ٿيون پر آرڊيننس جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار رهيو.

 

تبصرے بند ہیں۔