اسلام آباد: پاڪ انڊونيشيا سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انڊونيشيا جو صدر پرابووسوبيانتو سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو.
اسلام آباد جي نور خان ايئربيس پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مهمان جو استقبال ڪيو، انهي موقعي تي انڊونيشين صدر کي 21 توپن جي سلامي به پيش ڪئي وئي.
ٻن ڏينهن جي دوري ۾ صدر پرابوو سوبيانو سياسي، عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ واپار، سرمائيڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسميات، تعليم ۽ ثقافت تي ڳالهيون ڪيون وينديون جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترين ئي مفاهمتي ياداشتن تي به صحيحن جو امڪان آهي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. اهو دورو پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. انڊونيشيا مان آخري صدارتي دورو صدر جوڪوويدوڊو 2018 ۾ ڪيو هو.
تبصرے بند ہیں۔