ڪراچي:اسمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو هميشه چاهيندا آهن ته سندن فون تيزي سان چارج ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هر سال نون فونن ۾ فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر بڻائي متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ماضي ۾ 30 واٽ چارجر کي تمام تيز سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اها عام چارجنگ اسپيڊ بڻجي چڪي آهي ۽ 100 واٽ کان وڌيڪ پاور فراهم ڪندڙ چارجر به موجود آهن. پر جيئن جيئن فون ڪمپنيون فاسٽ چارجنگ بابت نوان تجربا ڪري رهيون آهن، ماڻهن ۾ تيزي سان چارج ٿيڻ سبب بيٽريءَ کي نقصان پهچڻ جا خدشا به وڌي رهيا آهن.
ته ڇا واقعي فاسٽ چارجنگ سان اسمارٽ فون جي بيٽري جي زندگي گهٽجي سگهي ٿي؟ فون جي بيٽري جي گنجائش وقت سان گڏ ڇو گهٽجي وڃي ٿي؟
ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته فون اصل ۾ ڪيئن چارج ٿئي ٿو؟
ليٿيم آئيون بيٽرين ۾ 2 تهه هوندا آهن:
هڪ ليٿيم ڪو بالٽ آڪسائيڊ جي ۽ ٻي گريفائٽ جي.
جڏهن ليٿيم آئيون گريفائٽ واري تهه مان ليٿيم ڪو بالٽ واري تهه ڏانهن حرڪت ڪندا آهن ته اليڪٽران خارج ٿيندا آهن. جڏهن توهان بيٽري چارج ڪندا آهيو ته آئيون ٻي طرف حرڪت ڪندا آهن ۽ اتي گڏ ٿيندا آهن، جيڪي بعد ۾ فون استعمال ڪرڻ دوران خارج ٿيندا آهن.
توانائي جي هن اخراج سان گرمائش پيدا ٿيندي آهي، جيڪا فون جي پٺي تي محسوس ٿيندي آهي، خاص طور تي جڏهن فون تمام گهڻو چارج ڪيو وڃي يا گهڻو استعمال ڪيو وڃي.
هي گرمائش ڊگهي عرصي ۾ بيٽري کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، پر گذريل سالن ۾ بيٽرين کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن اهي وڌيڪ چارج سائيڪلن کي برداشت ڪري سگهن.
اسمارٽ فون بيٽرين ۾ قدرتي طور تي مهينن يا سالن دوران گهٽتائي ايندي رهي ٿي ۽ اهو هر فون سان ٿيندو آهي.
فاسٽ چارجنگ هن عمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿي، ڇوته ان سان بيٽري تائين وڌيڪ مقدار ۾ بجلي پهچي ٿي.
فون بيٽري کي ڪيئن نقصان پهچائي ٿو؟
فاسٽ چارجنگ جي شروعاتي دور ۾ بيٽريون تيزيءَ سان چارج ٿيڻ سبب تمام گرم ٿي وينديون هيون.
ان وقت اسمارٽ فونز کي بيٽري جي اضافي حرارت کي موثر نموني خارج ڪرڻ لاءِ تيار نه ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري وڌيڪ گرم ٿيڻ جو خطرو هوندو هو.
پر هاڻي نون فونن ۾ حرارت جو اخراج وڌيڪ بهتر طريقي سان ٿيندو آهي ۽ اهڙو مسئلو گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هاڻي فونن ۾ هيٽ شيلڊز، ٿرمل ليئرز ۽ ڪولنگ پائپس موجود هوندا آهن، جيڪي بيٽري مان حرارت کي ٻاهر ڪڍندا آهن.
ساڳي طرح هاڻي فونن ۾ بجلي جي فراهمي کي ڪنٽرول ڪرڻ جا فيچرز به ڏنا ويندا آهن، ۽ بيٽري مڪمل ٿيڻ تي فون اضافي بجلي نٿو وٺي، چاهي اهو چارج تي لڳل ئي ڇو نه هجي.
اڊاپٽو چارجنگ سان فون 100 سيڪڙو تيز رفتار سان چارج نٿو ڪري. ملٽي اسٽيچ چارجنگ تحت شروعات ۾ بيٽري کي وڌيڪ طاقت ڏني ويندي آهي، پر هڪ حد کان پوءِ اهو گهٽجي ويندو آهي.
ڇا فاسٽ چارجنگ سان واقعي فون کي نقصان پهچندو آهي؟
ان جو جواب “ها” به آهي ۽ “نه” به.
اهو نقصانڪار تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن فون ڊگهي وقت تائين وڌيڪ طاقت تي چارج ٿيندو رهي، پر جديد فونن ۾ بيٽري مينيجمينٽ سسٽم هن خطري کي تمام گھڻو گهٽ ڪري ڇڏين ٿا. پر اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هي سڄي ٽيڪنالاجي تمام نئين آهي ۽ هن بابت اڃا گهڻو ڪجهه معلوم ناهي.
تنهنڪري بهتر آهي ته توهان پاڻ احتياط ڪريو ۽ فاسٽ چارجنگ تي فون کي تمام گهڻي دير تائين لڳائي نه ڇڏيو، ته جيئن بيٽري جي گهٽتائي جو عمل سست رهي.
ياد رکو ته ليٿيم بيٽريون وقت سان لازمي طور تي ڪمزور ٿينديون آهن، چاهي توهان ڪجهه به ڪري ڇڏيو، پر توهان هن عمل کي سست ضرور ڪري سگهو ٿا.
تبصرے بند ہیں۔