ڪراچي: سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي ريڊ لائين منصوبي ۾ دير بابت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ريڊ لائين منصوبي ۾ دير خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران منصوبي ۾ دير بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.رپورٽ موجب، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سڀني ڀائيوارن سان ثالثي جو اجلاس ٿيو، جڏهن ته، ڀائيوار معاهدي موجب ثالثي ذريعي تڪرار حل ڪرڻ تي متفق ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي موجب، تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ثالثي تي اتفاق ڪيو ويو. ٽرانس ڪراچي ٺيڪيدار جي ثالثي جي آڇ کي قبول ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) عارف حسين خلجي کي ثالث طور نامزد ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔