انڊيا ۾ هاڻي وطن پرست فلمون ٺاهڻ جي همت ناهي: اداڪاره ناديا خان

لاهور: اداڪاره ناديا خان بالي ووڊ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هندستاني فلم انڊسٽري هاڻي مڪمل طور تي پرڏيهي مواد جي ڪاپي ڪري رهي آهي، فلم “چوڌري” جي پروڊيوسر نيها لاج سان پنهنجي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناديا چيو ته بالي ووڊ هاڻي سنجي دت جي ذريعي 2022 ۾ ٺهيل پاڪستاني فلم جي ڪهاڻي کي ٻيهر پيش ڪري رهيو آهي، جيڪا سڌي طرح نقل آهي، هن چيو ته هندستان بين الاقوامي مواد سان جنون ۾ مبتلا آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته صنعت پنهنجي تخليقي صلاحيت وڃائي چڪي آهي،نه ته معياري فلمون ٺاهي رهيون آهن ۽ نه ئي سٺا گانا اچي رهيا آهن، ناديا خان چيو ته هندستاني سينيما ۾ هاڻي وطن پرست فلمون ٺاهڻ جي همت ناهي، ڇاڪاڻ ته عوام پاڻ انهن شين جو مذاق اڏائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هاڻي لياري جهڙا پاڪستاني موضوع اٿاريا پيا وڃن. ناديا خان چوڌري اسلم جي شخصيت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو وقار ۽ خود اعتمادي جي علامت هو. سنجي دت هڪ بهترين اداڪار آهي، پر ظاهري شخصيت جي لحاظ کان، هو چوڌري اسلم جي ويجهو به نه ٿو اچي سگهي.

تبصرے بند ہیں۔