شبلي فراز 2 ڪيسن ۾ اشتهاري قرار

اسلام آباد : اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز کي ٻن ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف 28 فيبروري تي جوڊيشل ڪمپليڪس حملي جي ڪيسن جي ٻڌڻي جج طاهر عباس سپرا ڪئي.شبلي فراز کي مسلسل غير حاضري جي بنياد تي اشتهاري قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اڳوڻو قانون وارو وزير راجا بشارت ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي طرفان سردار محمد شبهيش خان ۽ زاهد بشير ڊار ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت جوابدار جي پيشي کان پوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

تبصرے بند ہیں۔