زيارت ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، 5 شڪي افغان دهشتگرد گرفتار

ڪوئٽه:  زيارت ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بنائيندي 5 شڪي افغان دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ليويز فورس ضلعي زيارت ۾ هڪ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي دهشتگردي جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام بنائي ڇڏيو. وقت تي ڪارروائي جي دوران 5 شڪي دهشتگردن کي زنده گرفتار ڪيو ويو آهي جن جو تعلق قنڌار، افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي.

گرفتار جوابدارن کي سپيرا رغه ليويز چيڪ پوسٽ جي ڀرسان گرفتار ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه جي هڪ سينئر آفيسر ٻڌايو ته اهو آپريشن ليويز فورس جي انٽيليجنس ۽ فيلڊ ٽيمن جي پيشه وارانه مهارت جو نتيجو آهي جنهن ۾ ضلعي انتظاميه جي حمايت به شامل آهي.

جوابدارن جي قبضي مان ڳري مقدار ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مواد، مواصلاتي اوزار هٿ آيا آهن. جن ۾ 11 هينڊ گرينيڊز، 15 ايس ايم جي گرينيڊز، 3 سب مشين گينز(ايس ايم جي)، 2 ايم فور رائفل(پارٽس جي صورت ۾) 9 ايم فور ميگزين، 14 ايس ايم جي ميگزين، 420 ايس ايم جي رائونڊز، 23 ايم فور رائونڊز، هڪ ڪلو بارودي مواد، هڪ گرينيڊ لانچر، 2 آر پي جي راڪٽس، 6 وائرليس سيٽس، 4 موبائل فون، هڪ ڊگر، 13 ايمونيشن بيگز، 16 پاور سيلز، هڪ سوزوڪي ڪيري وين، هڪ موٽر سائيڪل ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) جو لٽريچر شامل آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪامياب آپريشن جي تعريف ڪندي ليويز فورس ۽ ضلعي انتظاميه کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ليويز فورس جهڙي مقامي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، انهن جي قربانين ۽ وقت تي کنيل قدم دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي رهيا آهن.

هن چيو ته حڪومت سموري سيڪيورٽي ادارن جي پوري طاقت سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين اها جنگ جاي رهندي. سيڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن کان جاچ جاري آهي جنهن سان صوبي ۾ وڌيڪ دهشتگرد نيٽ ورڪس جي باري ۾ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جا امڪان آهن. اهو آپريشن بلوچستان ۾ امن جي قيام طرف هڪ اهم قدم آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔