اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني آهي۔
وزيراعظم اين اي 129 ۾ حافظ محمد نعمان ۽ اين اي 143 چيچاوطني ۾ محمد طفيل جٽ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نواز شريف جي ويزن ۽ غير معمولي قيادت جي بدولت ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ملي آهي۔
ياد رهي ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبلي جي سمورين 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي به 7 مان 6 سيٽون ن ليگ جي حصي ۾ آيون، پيپلز پارٽي هڪ سيٽ تي ڪامياب حاصل ڪري سگهي.
تبصرے بند ہیں۔