شوٽنگ دوران شرڌا ڪپور زخمي، فلمبندي ملتوي

ممبئي: باليووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور جي پير جي آڱر ۾ شوٽنگ دوران فريڪچر ٿيڻ کان پوءِ فلمبندي عارضي طور ملتوي ڪئي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق شرڌا ڪپور هڪ ڊگهي ڊانس سيڪوئنس جي شوٽنگ دوران پير جي آڱر زخمي ڪرائي ويٺي. ڊانس نمبر لاءِ هن کي نوواري ساڙي ۽ روايتي زيور پاتل هئا. ڊانس جي هڪ مرحلي ۾ هن غلطي سان سارو وزن هڪ پير تي وجهي ڇڏيو، جنهن سبب سندس توازن بگڙيو ۽ هوءَ زخمي ٿي پئي. هدايتڪار لڪشمن اوٽيڪر فوري طور شوٽنگ روڪي ڇڏي، پر شرڌا اِصرار ڪيو ته يونٽ ڪم جاري رکي. هوءَ ممبئي واپس اچڻ بعد مڌ آئي لينڊ جي سيٽ تي ڪلوز اپ ۽ جذباتي منظر پڻ شوٽ ڪرائيندي رهي. بهرحال ڪجهه ڪلاڪن بعد هن جو درد وڌي ويو ۽ آخرڪار يونٽ کي شوٽنگ مڪمل طور بند ڪرڻي پئي.’اِيٿا‘ مهاراشٽر جي مشهور ڊانسر، اداڪارا ۽ تماشه آرٽسٽ وٿا ٻائي جي زندگيءَ تي ٻڌل فلم آهي، جن کي رياست جي ثقافتي تاريخ ۾ هڪ عظيم فنڪار جو درجو حاصل آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن سلسلي ۾ لڪشمن اوٽيڪر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اڃا تائين ڪو جواب نه مليو آهي.

تبصرے بند ہیں۔