اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا آهن ته مسئلو اهو آهي ته اسان ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيون ته خوش ٿيندا آهن، خلاف ڏيون ته ناراض ٿي ويندا آهن.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڪيترو ٽيڪس لاڳو ٿيندو انهي جو فيصلو گذريل سال جي اثاثن تي ٿئي ٿو؟ وڪيل فروغ نسيم جواب ڏنو ته انڪم ٽيڪس ۾ اهو تصور آهي ته جيئن جيئن آمدني ۾ اضافو ٿيندو ائين ئي ٽيڪس وڌندو.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهو ڪٿي لکيل آهي ته تشخيصي ڪيس ڪڏهن لاڳو ٿيندو ڪڏهن نه، فروغ نسيم چيو ته آرڊيننس ۾ لکيو آهي ته تشخيص هڪ سال بعد ٿيندي، اوهان معزز جج صاحب آئين جا محافظ آهيو مان پاڻ به پارليامينٽ جو حصو رهيو آهيان ۽ اتي به مان اهو چوندو رهيو آهيان، پارليامينٽ سپريم آهي پر سپريم ڪورٽ انصاف ڏيندڙ ادارو آهي.
جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته مسئلو اهو آهي ته اسان ڪنهن جي حق ۾ فيصلو ڏيون ته خوش ٿيندا آهن، خلاف ڏيون ته ناخوش ٿي ويندا آهن. فروغ نسيم چيو ته انسان آهيون فيصلو حق ۾ اچي ته اسان خوش ٿي ويندا آهيون، خلاف اچي ته خراب لڳندو آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ٽيڪس لاڳو ڪندي اوهان ڪهڙي طرح جي انصاف جي اميد رکو ٿا، فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 10 اي قدرتي انصاف جي برابر آهي، قدرتي انصاف مان مراد صرف اهو ناهي ته ٻڌڻ جو حق ڏنو وڃي. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.