عمران خان کي 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي مقرري چيلينج

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

شهري اسامه رياض وڪيل رياض حنيف راهي جي ذريعي جج ناصر جاويد راڻا جي مقرري عدالت ۾ چيلينج ڪئي. رجسٽرار آفيس درخواست وصول ڪري ڊائري نمبر به لڳائي ڇڏيو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين جج ناصر جاويد رانا کي ڪم کان روڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي 19 آڪٽوبر 2024 جي حڪمن جي روشني ۾ ناصر جاويد راڻا جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته درخواست جو فيصلو ٿيڻ کان اڳ رٽائرمينٽ ٿيڻ تي 14 ڊسمبر 2022 کان پوءِ جون حاصل ڪيل مراعتون  ۽ واجبات جي واپسي جو حڪم ڏنو وڃي. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪنهن به پينشن يا ٻين فائدن جو حقدار نه قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته ناصر جاويد راڻا هن وقت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ مقرر آهي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔