شڪارپور: شڪارپور جي ڀرسان سلطان ڪوٽ واري هنڌ تي ريلوي ٽريفڪ تي ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.
سيڪيورٽي ذريعن موجب جعفر ايڪسپريس پشاور کان ڪوئٽه وڃي رهي هئي ته ڌماڪي سبب ڪيترن ئي مسافرن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن.
ڊي ايس ريلوي موجب متاثر ٽريڪ جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٽريڪ جي مرمت ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا پر شام 5 وڳي کان اڳ انهي ٽريڪ تي ڪابه ٽرين نه آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ايس ايس پي شڪار کان تفصيل طلب ڪندي چيو ته فوري طور تي واقعي جي جاچ شروع ڪري، ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
ياد رهي ته 23 سيپٽمبر تي به ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پشاور کان ڪوئٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس حادثي جو شڪار ٿي هئي. جعفر ايڪسپريس کي حادثو ڪوئٽه کان ڪجهه ڪلو ميٽر پري ڊيگاري ڪراس سپيڊنٽ ريلوي استيشن ۽ سرياب ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان پيش آيو هو. ڌماڪي سبب انجڻ سميت 5 ڪوچز ڊي ريل ٿيون هيون. ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي کان پوءِ جعفر ايڪسپريس ڪجهه ڏينهن جي لاءِ معطل ڪئي وئي هئي.