17 آڪٽوبر کان سيلاب متاثرين لاءِ امدادي رقم جي ورهاست شروع

لاهور:  وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سيلاب متاثرين لاءِ امدادي چيڪ 17 آڪٽوبر کان ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ سيلاب متاثرين لاءِ حتمي امدادي پيڪيج منظور ڪيو ويو، جنهن تحت متاثر خاندانن کي مالي سهائتا فراهم ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيلاب دوران فوت ٿيلن جي وارثن کي 10 لک رپيا، مستقل معذوري جي صورت ۾ 5 لک رپيا ۽ معمولي معذوري لاءِ 3 لک رپيا ڏنا ويندا. پڪو گهر مڪمل طور تباهه ٿيڻ تي 10 لک رپيا، جزوي نقصان تي 3 لک رپيا، ڪچو گهر مڪمل تباهه ٿيڻ تي 5 لک رپيا ۽ جزوي نقصان تي ڏيڍ لک رپيا امداد ڏني ويندي. ان سان گڏ، وڏي مال مويشن جي نقصان تي 5 لک رپيا ۽ ننڍن جانورن جي مرڻ تي 50 هزار رپيا ڏنا ويندا.

وزيراعليٰ مريم نواز هدايت ڪئي ته امدادي رقم جي ورهاست شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، حڪومت سيلاب متاثر خاندانن کي اڪيلي نه ڇڏيندي ۽ انهن جي مڪمل بحالي تائين ساڻس گڏ هوندي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين پڻ شرڪت ڪئي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔