ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

ڪراچي:  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقن ملير، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو صبح جو 9 لڳي 34 منٽن تي رڪارڊ ڪيو ويو جنهن جي شدت 3.2 ۽ گهرائي زمين اندر 10 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ملير کان 7 ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف هو.

انهي حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر موسميات کاتي انجم نذير چيو آهي ته 3  جي شدت جا زلزلا اڪثر ايندا رهندا آهن، اهي وڌيڪ محسوس نه ٿيندا آهن. هينئر آيل زلزلي جي شدت  3 کان وڌيڪ هئي انهي لاءِ محسوس ڪئي وئي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔