مريم نواز جي بيان تي سنڌ بار ڪونسل جي هڙتال، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي اڄ سنڌ بار ڪونسل هڙتال ۽ عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي سنڌ بار ڪونسل طرفان احتجاج ڪيو ويو، سنڌ بار ڪونسل پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کان بيان واپس وٺڻ ۽ معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ بار ڪونسل طرفان مريم نواز جي بيان تي اڄ هڙتال ۽ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان به ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته مريم نواز فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ۾ مخالفن تي سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته منهنجو پاڻي، منهنجا پئسا، ڪنهن کي انهي مان ڪهڙي تڪليف آهي، پنجاب کي مشورو ڏيندڙ پنهنجا مشورا پاڻ وٽ رکن.

مريم نواز چيو ته اين ايف سي ۾ چئني صوبن کي هڪ جهڙا پئسا ملندا آهن، اوهان پئسا ڪٿي لڳايو ٿا؟ گهرڻ وارو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي پنجاب اوهان جي معاملن ۾ ڪڏهن مداخلت ناهي ڪئي، اوهان به نه ڪريو، اوهان وٽ هر شيءَ جو حل ڪشڪول کڻي بيهي رهڻ آهي؟

مريم نواز جي اهڙي بيان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نويد قمر اعتراض اٿاريو ته اهو منهنجو پاڻي منهنجا پئسا جو ڪهڙو مطلب آهي؟ مريم نواز جي تقرير تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. پنجاب ۾ پهريون ڀيرو اهڙي ٻوڏ آئي پر سنڌ کي انهي جو اڳ ئي تجربو آهي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔