راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته وڊيو لنڪ ٽرائل جو چئي ڌوڪي سان حاضري لڳرائي وئي، عمران خان هاڻ پيش نه ٿيندو.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته مون کي غلط بيانئي سان هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃي وڊيو لنڪ ۾ حاضري لڳرائي وئي. وڊيو لنڪ ۾ 3 ڀيرا پيش ڪيو ويو پر مون کي ڪابه آواز نه آئي ته ڇا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته عمران خان کي اڊياله جيل مان منتقل ڪرڻ جي خبر جي باري ۾ اسان کي ڪابه خبر نه آهي. نه ئي اسان وٽ اهڙي ڪا خبر آهي نه ئي وري اسان جي وڪيلن کي ڪجهه خبر آهي.
انهي موقعي تي عليمه خان جي وڪيل فيصل ملڪ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عليمه خان تي جعلي ۽ بوگس ڪيس ٺاهيو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تي چارج فريم ڪرڻ جي لاءِ فڪس ڪئي وئي آهي. چالان جي نقل عدالت طرفان ورهائي وئي جيڪا اڄ اسان وصول ڪري ورتي آهي.
هن چيو ته عليمه خان تي چارج لڳايو ويو ته هن عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ انهي سان ملڻ کان پوءِ ميڊيا تي اچي ڳالهيون ڪيون. عليمه خان جيڪي به ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون اهي قانون هيون. انهي ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي. عمران خان جو وڊيو لنڪ تان ٽرائل آئيني ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. اسان انهي کي رد ڪريون ٿا. وڊيو لنڪ جي ذريعي ٽرائل جي خلاف پٽيشن هاءِ ڪورٽ ۾ سومر تي لڳل آهي.
ٻئي پاسي 26 نومبر ڊي چوڪ احتجاج جي سلسلي ۾ صادق آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ عليمه خان پنهنجي ڀينرن نورين خان ۽ ڊاڪٽر عظميٰ خان سان گڏ دهشتگردي جي انت واري عدالت پهتي. جتي انهي کي چالان جي ڪاپي ڏني وئي. ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.