لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي الزام نه لڳائي، جيڪڏهن مقابلو ڪرڻو آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪري.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بهترين ڪارڪردگي کان ڊپ لڳي ٿو. اتحادي جيڪڏهن ڪم جو مشورو ڏيندا ته اسان ضرور ٻڌنداسين پر پيپلز پارٽي مشوري جي بجاءِ سياست شروع ڪري ڇڏي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته اسان ڪوبه سياسي بيان نه ڏنو، پر هاڻ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي کي مريم نواز جي شاندار ڪارڪردگي مان ڊپ لڳي ٿو، جيڪڏهن مقابلو ڪرڻو آهي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪريو، الزام لڳائڻ واري سياست کي ختم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اتحاد ملڪ ۾ استحڪام ۽ ترقي جو سبب بڻجي رهيو آهي.